سردار همت علي خان ڪماريو

سردار همت علي خان ڪماريو

همت علي خان ڪماريو سردار

همت علي خان ڪماريو، سردار: سياستدان، سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر ۽ ابڙا برادريءَ جو چيف سردار همت علي خان ولد علي حيدر ڪماريو، مديجي لڳ، ڳوٺ ترائيءَ، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ 1950ع ڌاري پيدا ٿيو. هن عملي سياست جي شروعات 1980ع واري ڏهاڪي کان ڪئي، اِن دؤران هو ٽائون ڪميٽي مديجيءَ جو چونڊيل چئرمئن رهيو. 1999ع ۾ سندس چاچي ۽ اڳوڻي MPA سردار نادر حسين ڪماريي جي وفات کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. سياست کانسواءِ راڄوڻي فيصلا به ڪندو رهيو. سندس وڏو فرزند هن وقت پيپلز پارٽي ضلعي شڪارپور جو جنرل سيڪريٽري ۽ ضلعي ڪائونسل شڪارپور جو چيئرمئن پڻ آهي، سندس ٻيو فرزند نجف خان ڪُماريو ٽائون ڪميٽي مديجيءَ جو چيئرمئن، جڏهن ته سندس ٽيون نمبر فرزند امير خان ڪماريو شڪارپور ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمئن رهي چڪو آهي. سردار همت علي ڪماريي، 74 ورهين جي ڄمار ۾ 16 جنوري 2024ع تي اباڻي ڳوٺ ترائيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو